محمد يوسف خان چانڊيو

محمد يوسف خان چانڊيو

چانڊيو محمد يوسف خان

چانڊيو، محمد يوسف خان: ناميارو سياستدان رئيس محمد يوسف خان چانڊيو، 1913ع ڌاري ڳوٺ سوڀي خان، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري زمينداري ڪمن ۾ مشغول ٿي ويو. 1932ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽفارم تان سياست ۾ داخل ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ 1937ع ۾ هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيـو. پهـريـائيـن شيـخ عبدالمجيـد سـنڌيءَ جي آزاد سنڌ پارٽيءَ جو ميمبر رهيو. پوءِ جدا جدا پارٽين جو ميمبر ٿي رهيو. ونيونٽ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهندو آيو. 1949ع کان 1953ع تـائيـن ڊسـٽـرڪـٽ لـوڪـلبـورڊ جـو صـدر ٿـي رهيـو. 1953ع ۾ پيرزادي عبدالستار جي وزارت ۾ وزير صحت مقرر ٿي رهيو. 1962ع ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو، بعد ۾ کيس پارلياماني سيڪريٽريءَ جو عهدو ڏنو ويو. 1967ع ۾ روينيو ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، پر ناڪام ٿيو. سندس مقابلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو باني چيئرمئن ذوالفقار علي ڀٽو ڪامياب ٿيو.
1977ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ٺٽي ضلعي مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جي صدر هئڻ جي حيثيت ۾ هن 1950ع ۾ سجاول ۾ ايم. ڪي. چانڊيو هاءِ اسڪول قائم ڪرايو. سجاول جي پنجاهه بسترن واري تعلقي اسپتال پڻ رئيس محمدد يوسف خان چانڊيي جي ڪوششن جو نتيجو آهي. ان کانسواءِ ٺٽي، سجاول پل جي تعمير ۾ به هن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، ملڪ جي اهم شخصيتن کانسواءِ پرڏيهي شخصيتن اڳوڻي شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي، مارشل ٽيٽو، افغانستان جي صدر ظاهر شاهه، ابوظهبي جي شيخ زيد بن النهيان ۽ ڊيوڪ آف ايڊمبرا سان سندس دوستاڻا تعلق رهيا. هن 15 جنوري 1978ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ اڪيلو پٽ رئيس محدم موسيٰ خان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو